احتساب عدالت فواد حسن فواد کي چوڏهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

news

 لاهور: جمعو 06 جولاءِ 2018ع: احتساب عدالت نواز شريف جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

نيب عملدارن فواد حسن فواد کي سخت سيڪيورٽي هيٺ لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي پوليس جو وڏو انگ عدالتي احاطي ۾ مقرر هو. فواد حسن فواد کي احتساب عدالت جي جج نجم الحسن جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي نيب جي پراسيڪيوٽر وارث علي جنجوعا دليل ڏنا.

نيب پراسيڪيوٽر پنهنجي دليل  ۾ چيو ته فواد حسن فواد اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان ڏنو ۽ عام شهرين آشيانا اقبال هائوسنگ منصوبي ۾ درخواستون ڏنيون. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته فواد حسن فواد جاچ ڪميٽي جي رپورٽ لڪائي ۽ آشيانا هائوسنگ اسڪيم جي رپورٽ ٺاهيندڙ آفيسرن کي به طلب ڪيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن قسم جي مني ٽريل جو پتو لڳايو توهان؟ ان تي نيب جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته مني ٽريل جو پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ متاثرن کي سڏائي رهيا آهيون.

ان موقعي تي فواد حسن فواد عدالت سامهون پنهنجو موقف ڄاڻايو ته منهنجو ان سموري معاملي ۾ ڪوبه ڪردار ناهي، مون ڪنهن به معاهدي کي ختم ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو، منهنجي سيڪريٽري طور موجودگي ۾ ڄاڻايل ٺيڪو ناهي ڏنو ويو ۽ وڏي وزير جي هدايت تي ئي آرڊر تي صحي ٿي. عدالت فواد حسن فواد کان پڇاڻو ڪيو ته معاهدو رد ٿيڻ تي صحي ڪئي؟ ان تي جوابدار چيو ته معاهدي بابت صحي ڪئي، 30 مارچ 2013ع تي منهنجي بدلي ٿي، ان وقت کان پنجاب ۾ مقرر نه ڪيو ويو، ڏوهارين جي بيان تي نيب مون کي پڪڙي هتي اچي بيهاريو آهي.

نيب پراسيڪيوٽر فواد حسن فواد جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪيو. جڏهن ته فواد حسن فواد جي وڪيل جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته جيڪڏهن نيب وٽ رڪارڊ آهي ته جسماني رڪارڊ ڇو پيو ورتو وڃي؟ احتساب عدالت ڪجهه دير کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي نيب پراسيڪيوٽر جي اپيل منظور ڪئي ۽ فواد حسن فواد جو 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ منظور ڪندي جوابدار کي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.