ميڪسيڪو ۾ ڦٽاڪا ٺاهيندڙ فيڪٽري اندر ڌماڪو، چوويهه ڄڻا فوت، پنجاهه زخمي

news

 ميڪسيڪو: جمعو 06 جولاءِ 2018ع: ميڪسيڪو جي گادي واري هنڌ ميڪسيڪو سٽي ۾ ڦٽاڪا ٺاهيندڙ فيڪٽري اندر ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ 24 ڄڻا فوت ۽ 50 زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽن مطابق فيڪٽري اندر ٿيندڙ پهرين ڌماڪي تي مقامي ماڻهو ۽ امدادي ٽيمن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا ته ان دوران اتي پيل آتش بازي جو سامان ۽ بارودي مواد ڦاٽڻ شروع ٿيو ته ٻيهر زوردار ڌماڪو ٿيو.

ڌماڪن جي نتيجي ۾ 24 ڄڻا فوت ۽ 50 زخمي ٿي پيا. فوتين ۾ 2 پوليس اهلڪار ۽ 4 باهه وسائيندڙ شامل آهن.