آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا ۾ سون جي اگهن ۾ لاٿ

news

 نيويارڪ: ڇنڇر 07 جولاءِ 2018ع: آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا ۾ سون جي اگهن ۾ لاٿ آئي جنهن جو سبب ڊالر جي مٽا سٽا واري شرح ۾ لاٿ ۽ آمريڪا چين واپاري ڇڪتاڻ ۾ واڌ آهي.

نيويارڪ ۾ اسپاٽ گولڊ جي وقفي کانپوءِ اگهه 0.2 سيڪڙُو گهٽ ٿي 1254.45 ڊالر في اونس رهيو. آمريڪي سون جا آگسٽ لاءِ سودا 3 ڊالر لاٿ سان 1255.80 ڊالر في اونس طئي ٿيا. لنڊن ۾ اسپاٽ گولڊ جا اگهه 0.1 سيڪڙو لاٿ سان 1256.15 ڊالر في اونس رهيو.

آمريڪي سون جا آگسٽ لاءِ سودا 0.1 سيڪڙو لاٿ سان 1257.10 ڊالر في اونس طئي ٿيا. ايشيا ۾ اسپاٽ گولڊ جا اگهه 0.1 سيڪڙُو لاٿ سان 1256.54 ڊالر في اونس رهيا. آمريڪي سون جا آگسٽ لاءِ سودا 0.1 سيڪڙو لاٿ سان 1257.50 ڊالر في اونس طئي ٿيا.