شريف ڪٽنب پاران ايون فيلڊ ريفرنس فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو

news

 لاهور: ڇنڇر 07 جولاءِ 2018ع: شريف ڪٽنب پاران ايون فيلڊ ريفرنس فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

نجي ٽي وي مطابق شريف ڪٽنب ايون فيلڊ ريفرنس فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث فيصلي خلاف اپيلون به تيار ڪري ورتيون آهن.

درخواستن تي نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر وڪالت نامن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. شريف ڪٽنب پاران ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو سومر ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي ماهرن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جيڪڏهن 10 ڏينهن اندر پاڪستان واپس نه آيا ته کين رليف ملڻ مشڪل بڻجي ويندو.