اڏيرو لال ويجهو اڻڄاتل نوجوان ناري جو تشدد ٿيل لاش هٿ

news

اڏيرو لال اسٽيشن: ڇنڇر 07 جولاءِ 2018ع:اڏيرو لال وليج ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ رحيم کورکاڻي ڀرسان ٽنڊوآدم روڊ وٽ هڪ اڻڄاتل نوجوان ناري جو تشدد ٿيل لاش اڏيرو وليج پوليس کي هٿ آيو، اڏيرو وليج پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي مٽياري سول اسپتال کڻائي وئي. ٻئي طرف اڏيرو وليج پوليس مطابق ناري کي مٿي ۾ ڌڪ لڳل آھي، جنهن جو منهن رت سان ڀريل آھي ۽ عورت کي ھٿ ۾ ڪينولا پڻ لڳل آهي، عورت جي عمر 25 سالن جي لڳ ڀڳ آھي.

پوليس موجب لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي ۽ لاش سڃاڻپ لاءِ اسپتال ۾ رکرايو ويندو. جڏهن ته فوتي ناري جي هٿ ۾ لڳل ڪينولا ۾ ثابت ٿي رهيو آھي ته ناري کي پهرين ڌڪ هنيا ويا آھن، جنهن ڪري رت وهڻ سبب سندس علاج ڪرايو ويو آھي ۽ ناري جي فوت ٿيڻ بعد سندس تشدد ٿيل لاش روڊ تي اڇلايو ويو آھي. وڌيڪ پوليس جاچ ڪري رهي آھي. 

ياد رهي  ته اڏيرو لال وليج ٿاڻي جي حد ۾ سال اڳ ۾ هڪ عورت جو ائين ئي تشدد ٿيل لاش مليو هو، جنهن جي پڻ ڪابه سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي، ان واقعي جي ڪجهه مهينن کانپوءِ وري هڪ عورت کي تشدد ڪري روڊ تي اڇلايو ويو هو، ان عورت اڏيرو لال وليج ٿاڻي تي پهچي پناهه ورتي هئي، جنهن ۾ علائقي جو هڪ باثر وڏيرو ملوث نڪتو هو، علائقي جي بااثرن جي مداخلت تي اهو وڏيرو 9 لکن جي ڏيتي ليتي بعد آزاد ٿيو هو، تنهن کانپوءِ اها خبر نه پئجي سگهي ته اها عورت ڪٿان جي هئي ۽ ڪيڏانهن وئي، جنهن کانپوءِ اڄ وري هڪ نوجوان ناري جو تشدد ٿيل لاش مليو آھي، گذريل ٻن عورتن جيان هن عورت جي به ڪا سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آھي.01