نواز شريف خلاف فيصلو پاڪستان لاءِ ڪارو باب آهي: شاهد خاقان عباسي

news

 لاهور: آچر 08 جولاءِ 2018ع: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته محمد نواز شريف کي سزا پاڪستان کي ڌچڪو آهي، آيل فيصلو پاڪستان لاءِ ڪارو باب آهي. محمد نواز شريف خلاف فيصلي بعد ماڻهو ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار هئا پر اسان کين روڪيو. اهڙن خيالن جواظهار هن هڪ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. 

هن چيو ته محد نواز شريف جيل وڃڻ لا به تيار آهي، اسان کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته محمد نواز شريف خلاف ڪهڙو فيصلو اچڻو آهي تنهن ڪري ايندڙ عام چونڊون اڻ ڌريون نه رهيون، 2002ع جي چونڊن ۾ به ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جمهوري نظام جو هئڻ گهڻو ضروري آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن جمهوريت نه هجي ته ملڪ ترقي ناهن ڪندا.

نيب بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب اڻ ڌريو ادارو نه ٿو ٿي سگهي ڇو ته ان کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ سياستدانن کي ٽوڙڻ لاءِ ئي ٺاهيو ويو هو. هن چيو ته نيب جا پاڪستان تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن ۽ اهو ادارو ملڪي معيشت جي تباهي سان گڏوگڏ ملڪي حڪمراني جي تباهي جو به سبب بڻجي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان بيروڪريسي کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي.

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهباز شريف ۽ محمد نواز شريف جو موقف هڪ ئي آهي پر طريقيڪار مختلف آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي چونڊ مهم جاري رکندا اچون ٿا ڇاڪاڻ ته چونڊن جي بائيڪاٽ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڳالهه سربراهن جي ناهي هوندي پر ادارن جي هوندي آهي، نيب ته ادارو ئي غلط آهي ان جو سربراهه ڪو به مقرر ڪيو اهو ڪم ساڳيو ئي ڪندو.