فيصل آباد ڀرسان ڪنٽينر جو ڪيري کي ٽڪر، ٽي ڄڻا فوت، ٻه زخمي

news

 فيصل آباد: آچر 08 جولاءِ 2018ع: فيصل آباد ڀرسان ايڪسپريس وي گٽ والا وٽ ڪنٽينر ڪيري سان ٽڪرائڻ کانپوءِ واهه ۾ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

نجي ٽي وي مطابق فيصل آباد ڀرسان ايڪسپريس وي تي ڪنٽينر ڪيري کي ٽڪر هڻڻ کانپوءِ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري واهه ۾ ڪري پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڪيري جو ڊرائيور ۽ ڪنٽينر جي ڪيبن ۾ سوار 2 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

واقعي کانپوءِ امدادي ٽيمن پهچي ڪنٽينر کي ٻاهر ڪڍيو ۽ فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.