پيٽروليم واريون شيون حڪومت جي ڪمائي جو ذريعو آهن: سپريم ڪورٽ

news

 اسلام آباد: آچر 08 جولاءِ 2018ع: چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته پيٽروليم واريون شيون حڪومت جي ڪمائي جو ذريعو آهن.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ پيٽروليم وارين شين تي ٽيڪس بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل، ايم ڊي پي ايس او ۽ اوگرا چيئرپرسن عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته قيمتم ۾ واڌ ۽ گهٽتائي جو فارمولو ڇا آهي؟ پيٽروليم وارين شين جون قيمتون حڪومت پاران پئسا ڪمائڻ لاءِ آهن.

جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڪچي تيل جي درآمد ۽ ريفائنري تائين پهچڻ تائين جون قيمتون ڇا آهن؟ اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڪچو تيل 5 ريفائنريون درآمد ڪري ٿي، اين آر اين ۽ پاڪستان ريفائنري ڪراچي ۾ آهن، بائيڪو حب بلوچستان ۾، پارڪو مظفر ڳڙهه ۽ اٽڪ ريفائنري راولپنڊي ۾ آهي، ٽن ريفائنرين جي 15 سيڪڙو مقامي پيداوار آهي ۽ 85 سيڪڙو درآمد ٿئي ٿي.

ايم ڊي پي ايس او ٻڌايو ته 22 ڪمپنيون آهن جيڪي پيٽرول درآمد ڪن ٿيون، سعودي عرب کان اڳ اوڌر تي تيل ملندو هو هاڻي نه. چيف جسٽس چيو ته مڊل مين ٻنهي پاسن کان منافعو ۽ ڪميشن وٺي ٿو، ان کي رکيو ئي ان لاءِ ويو آهي ته مارجن وٺي، اسان کي ٻاهر کان سستو پيٽرول ۽ ڪچو تيل گهرجي.

چيف جسٽس ايم ڊي پي ايس او کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي آئل سيڪٽر ۾ ڪيترو تجربو آهي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته توانائي شعبي ۾ 3 سال تجربو آهي، نجي ڪمپني اينگرو ۾ ڪم ڪيو آهي، 37 لک پگهار آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڇا بڪواس آهي، ايتري وڏي پگهار تي ماڻهو ڀرتي ڪيا وڃن ٿا، ڇا بيورو ڪريسي ختم ٿي وئي هئي جو نجي شعبن مان ماڻهو کڻڻو پيو؟ سڀ ڪجهه ملائي توهان جو پيڪيج 45 لک هوندو ۽ پگهار 22 گريڊ جي آفيسر کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، توهان اسان کي بنيادي شين تي مطمئن ڪري نه سگهيا، توهان ان ئي ڪمپني ۾ واپس هليا وڃو.