عوام زرداري ليگ وارن جي رستا روڪ ڪري رهيو آهي: عادل الطاف حسين انڙ

news

ڳيريلو: سومر 09 جولاءِ 2018ع:پي ايس 13 جي اميدوار اميدوار عادل الطاف حسين انڙ ڳيريلي سميت ڳوٺ حڪيم بروھي، ٿريچاابڙو، لال بخش ٻرڙو، اسلام آباد جتوئي، قادر بخش ڀٽو ۽ خدا بخش بروهي ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري ڳيريلي ۾ جلسي ڪيو.

ان موقعي تي منگي برادري شفيق منگي، طارق منگي، الله نواز بروھي، وارث بروھي، اختيار ابڙو، احمد چانڊيو ۽ ٻين برادرين پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري جي ڊي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي عادل الطاف انڙ چيو آهي ته  پيپلزپارٽي وارن کان ڏهن سالن جو حساب عوام کي  25 جولاءِ تي ستاري تي ٺپو هڻي وٺڻو آهي، مخالفن جي شڪست عوام جي سوڀ آهي، پيپلزپارٽي وارن کان پڇا ڪيو ته ڏھ سال اقتداري جا مزا وٺندا رهيا آهيون.

هن وقت تائين اسان کي نه صاف پاڻي فراهم ڪيو ويو نه ئي اسان جي تعليمي ۽ صحت جي ادارن ۾ بهتري آندي اٿو. 

هنن چيو ته عوام زرداري ليگ وارن جي رستا روڪ ڪري رهيو آهي ۽ زرداري ليگ وارن کان سوال ڪري رهيو آهي ته ڏھن سالن کان اسان توهان کي ڳولي رهيا آهيون پر چوڏهين جي چنڊ وانگر هاڻي اليڪشن جي ٽائيم ۾ نظر آيا آهيو ۽ ڪهڙي حساب سان اسان کان ووٽ وٺڻ آيا آهيو.

هنن چيو ته سنڌ جي عوام زرداري ليگ کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي ۽ 25 جولاءِ تي ستاري تي ٺپو هڻي پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ڀرپور شڪست ڏيندو.01