شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيا مرزا پنهنجون نيون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيون

news

لاهور: اڱارو 10 جولاءِ 2018ع: ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور آل رائونڊر شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيا مرزا جنهن کي پاڪستانين جي ڀاڄائي به چيو ويندو آهي آئي ڏينهن پنهنجين نتصويرن ۽ پيغامن سبب خبرن جي زينت بڻجندي رهندي آهي.

هن ڀيري هڪ ڀيرو ٻيهر ثانيا مرزا پنهنجي مداحن لاءِ اهڙيون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيون جيڪي ڏسي پاڪستاني بي اختيار چئي ويٺا ڀاڄائي ڏاڍي پياري لڳي رهي آهي.

ياد رهي ته ثانيا مرزا اميد سان آهي جنهن سبب هوءَ ٽينس جي ميدان ۾ به ڏسڻ ۾ نه پئي اچي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي شيئر ڪيل تصويرن ۾ ثانيا مرزا نيري ۽ ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پاتا آهن جنهن ۾ هوءَ ڪافي پرڪشش ۽ خوبصورت ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.

تصويرون ڏسڻ کانپوءِ سندس مداحن طرفان ساراهيو پيو وڃي ۽ مختلف قسم جا ڪمينٽس ڏنا پيا وڃن.