سبي ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا

news

 ڪوئيٽا: اڱارو 10 جولاءِ 2018ع:  بلوچستان جي علائقي سبي ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن سبب ماڻهو خوف ۽ حراس ۾ پکڙجي ويا، ماڻهو ڪلمه طيب جو ورد ڪندي گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا.

رپورٽن مطابق سبي ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 4.5 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز سبي کان 35 ڪلوميٽر پري اوڀر ۾ هو.