تعليم کاتي اونهاري جي موڪلن ۾ سورنهن ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي

news

 ڪراچي: اڱارو 10 جولاءِ 2018ع:  تعليم کاتي اونهاري جي موڪلن ۾ 16 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

رپورٽن موجب صوبائي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن عاليا شاهد پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ اسڪول 16 جولاءِ کان کلڻ بدران پهرين آگسٽ تي کولڻ جواعلان ڪيو ويو آهي جنهن جو سنڌ جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن تي عمل لاڳو ٿيندو.

واضح رهي ته مئي ۾ سخت گرمي ۽ رمضان سبب اونهاري جي موڪلن جو شيڊول تبديل ڪيو ويو هو، اسڪول پهرين جون کان بند ٿيڻ بدران 15 مئي تي بند ڪري 15 جولاءِ تي کولڻ جي منظوري ڏني وئي هئي، جڏهن ته استادن جي چونڊن ۾ ڊيوٽي ڏيڻ ڪري هڪ هفتو اڳ سيڪريٽري اسڪول پاران اسڪول پهرين آگسٽ کان کولڻ جي تجويز ڏني وئي هئي.