چيف آف ايئر اسٽاف انٽرنيشنل اسڪوائش چيمپيئن شپ سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ کيڏي ويندي

news

 اسلام آباد: اربع 11 جولاءِ 2018ع: پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن جي اهتمام هيٺ چيف آف ايئر اسٽاف انٽرنيشنل اسڪوائش چيمپيئن شپ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ کيڏي ويندي.

رپورٽن موجب 10 سيپٽمبر کان مصحف اسڪوائش ڪمپليڪس ۾ کيڏي ويندڙ انٽرنيشنل ايونٽ ۾ مردن جا 30 هزار ڊالر جڏهن ته عورتن جا 10 هزار آمريڪي ڊالرز جا مقابلا ٿيندا.

ٻئي انٽرنيشنل ٽورنامينٽس ۾ هالينڊ، مليشيا، مصر، هانگ ڪانگ آسٽريا، ايران ٿائلينڊ ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جا رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا.

30 هزار ڊالرز ۽ مينز ڪئٽيگري ۾ هانگ ڪانگ جي ليوآئو چيمپيئن شپ جي ٽاپ سيڊ هوندا، جڏهن ته 10 هزار ڊالرز جي وومينز ڪئٽيگري ۾ مصر جي روان آلر به ٽاس سيٽ هوندي.