پي سي بي ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن راولپنڊي جي چوئيتاليهه ڪلبن کي فعال قرار ڏئي ڇڏيو

news

 اسلام آباد: اربع 11 جولاءِ 2018ع: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئِيشن راولپنڊي جي ڪرڪيٽ ڪلبن جي اسڪروٽني جو عمل مڪمل ڪندي 44 ڪرڪيٽ ڪلبن کي ووٽنگ رائيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

رپورٽن موجب وصال دراني جي سربراهي ۾ پي سي بي جي اسڪروٽني ڪميٽي راولپندي ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن سان لاڳاپيل ڪرڪيٽ ڪلبن جي اسڪروٽني جو عمل بهتر نموني مقرر ڪرڻ کان پوءِ فعال ڪرڪيٽ ڪلبن جي حتمي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پي سي بي جي اسڪروٽني ڪميٽي 44 ڪرڪيٽ ڪلبن کي فعال قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

جن ۾ عباسي ڪرڪيٽ ڪلب، عڪس ڪائونٽي، الفتح ڪرڪيٽ ڪلب، النظر ڪرڪيٽ ڪلب، الهه آباد بوائز، انصاري جيمخانه، باجوا ڪرڪيٽ ڪلب، باسڪ جيمخانه، چوڌري اسپورٽس ڪرڪيٽ ڪلب، سٽي ڪرڪيٽ ڪلب، ڪائونٽي ڪلب، ڊي سينٽ ڪلب، دميال فرينٽس، ڊوڪ چوڌريان ڪلب، اليون اسٽارز، فيصل ڪلب، گرين ليند ڪرڪيٽ ڪلب، پل ڪرڪيٽ ڪلب، حيدري ڪلب، عمران ڪلب جاويد اسپورٽس ڪرڪيٽ ڪلب، ڊينٽ ڪلب، خان رياض ڪلب، ڪي وي بوائز ملڪ جيمخانه، ايم جي ايم ڪلب مغل ڪلب مسلم ڪلب نيو فرينڊز جيڪخانه پوٺوار ڪلب پنڊي اسپورٽس ڪلب، پنڊي ٽائيگرز لاهور ڪنگز ريمبو ڪلب رابن ڪلب صديق اڪبر ڪلب اسپورٽس وي اسٽار ڪلب وڪٽري ڪلب وارث ڪلب ويسٽ انڊيز ڪلب ينگ اسٽار ڪلب ۽ زاهر شاهه ڪرڪيٽ ڪلب شامل آهن.