انگلينڊ کي شڪست، ڪروشيا پهريون ڀيرو فٽبال ورلڊڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

news

 ماسڪو: خميس 12 جولاءِ 2018ع: ڪروشيا روس ۾ هلندڙ فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

ٻئين سيمي فائنل جي دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڪروشيا واڌو وقت ۾ انگلينڊ کي ٻه هڪ سان شڪست ڏئي ڇڏي آهي ۽ پهريون ڀيرو فائنل ۾ پهتو آهي. ماسڪو ۾ کيڏي ويندڙ سيمي فائنل جي شروعات تيزيءَ سان ٿي ۽ انگلينڊ پنجن منٽن اندر ئي برتري حاصل ڪري ورتي، اهو گول ٽري پيئر ڪارنر ڪڪ تي مٿي ذريعي ڪيو. ان کانپوءِ ڪروشين ٽيم به حملا ڪيا پر ان جي رانديگرن جي ڪوشش ڪامياب نه ٿي ۽ پهرين هاف ۾ انگلينڊ کي برتري حاصل رهي.

ٻئي هاف ۾ ڪروشيا جي ٽيم گول برابر ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي، اهو گول پريچچ ڪيو ۽ مقرر وقت ۾ مقابلو هڪ، هڪ گول سان برابر رهيو. ميچ کي فيصلي جوڳو بڻائڻ لاءِ واڌو وقت ڏنو ويو، جنهن جي ٻئي هاف ۾ ڪروشيا جي رانديگر مينزوڪچ بال مخالف ٽيم جي ڄار ۾ پهچائي ٽيم کي برتري ڏياري جيڪا آخري وقت تائين قائم رهي.