سپريم ڪورٽ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن کي داخلائن جا اشتهار ڏيڻ کان روڪي ورتو

news

 اسلام آباد: خميس 12 جولاءِ 2018ع: سپريم ڪورٽ ملڪ جي خانگي ميڊيڪل ڪاليجن کي ايندڙ حڪم تائين داخلائن جا اشتهار ڏيڻ کان روڪي ورتو آهي.

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن جي فين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جا عملدار پيش ٿيا ۽ عدالت عظميٰ کي آگاهه ڪيو ته ايف آءِ اي 745 ملين رپيا واپس ڪرائي شاگردن کي ڏنا آهن. ايف آءِ اي عملدارن عدالت کي اپيل ڪئي ته يو ايڇ ايس کي سينٽر لائز ايڊميشن پاليسي ٺاهڻ جو حڪم ڏئي.

ان موقعي تي شاگردن کي رقم واپسي واري ردعمل تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان چاهيون ٿا ته ميڊيڪل ڪاليج پنهنجا خرچ پورا ڪري سگهن. چيف جسٽس چيو ته اسان معياري ڊاڪٽر ٺاهڻ چاهيون ٿا، پر ميڊيڪل ڪاليج هلائيندڙ شعبن ۾ اهڙا ماڻهو اچي ٿا وڃن جيڪي دڪاندار آهن. چيف جسٽس چيو ته ميڊيڪل ڪاليج 34لک رپين تائين وصول ڪري والدين جو استحصال ڪري رهيا آهن.