قومن جي ترقي ۾ تعليم کي بنيادي حيثيت حاصل آهي: ممنون حسين

news

 اسلام آباد: خميس 12 جولاءِ 2018ع: صدر ممنون حسين چيو آهي ته قومن جي ترقي ۾ تعليم کي بنيادي حيثيت حاصل آهي، ٻارن جي تعليم سان گڏ ڪردار سازي کي به فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، نوجوان مثبت سوچ ۽ عمل ذريعي ملڪ ۽ قوم جو مقام بلند ڪن، مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڇوڪرين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي، ٻار اسان جي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهن، اسان سڀني جي ذميداري آهي ته کين تعليم جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪريون.

وفاقي تعليم بورڊ جي 33 هين سالياني انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته اڄ ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا گهڻي تيز رفتاري سان ڪاميابي جي منزل طئي ڪري رهي آهي، قدرت اهڙيون ڪاميابيون صرف انهن قومن کي عطا ڪندي آهي جيڪي تعليم يافتا هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار جي اعليٰ منصب تي فائز هجن.

هن چيو ته قومن جي ترقي ۾ تعليم کي اهم حيثيت حاصل آهي پر ڪردار جي پختگي ۽ مثبت اخلاقي قدرن جو فروغ ۽ استحڪام ان کان به وڌيڪ اهم آهي. صدر استادن ۽ والدين تي زور ڏنو ته هو ٻارن جي تعليم کانسواءِ انهن جي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار سازي کي به ڪڏهن نظر انداز نه ڪن ڇو ته مستقبل ۾ انهن ٻارن ئي ملڪ ۽ قوم جي واڳ سنڀالڻي آهي. هن چيو ته اسان کي گهرجي ته ڪتابي علم سان گڏ غير روايتي تعليم جي ذريعي به ٻارن جي علم ۽ ڏاهپ کي وڌايون.

صدر چيو ته ڇوڪرين لاءِ بهترين موقعا ۽ عمر آهي ته هو پنهنجي محنت ۽ جذبي سان پنهنجي والدين ۽ اميدون تي پورو لهڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن، تعليم ۽ تربيت جا سمورا مرحلن ۾ دنيا جي رول ماڊلز کي ڏسو ته ڪهڙي طرح انهن پنهنجي قوم کي پنهنجي علم ۽ ڏاهپ سان غربت، بُک، بدحالي ۽ مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍيو، منهنجي نصيحت آهي ته سدائين پنهنجي قدرن ۽ ثقافت کي اوليت ڏيو، پنهنجي مثبت سوچ ۽ عمل جي ذريعي پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي سدائين مٿانهون رکو.

هن چيو ته عورتون ملڪي آبادي جو تقريبن 50 سيڪڙو حصو آهن ان لاءِ ضروري آهي ته عورتن نه رڳو تعليم يافتا هجن پر اعليٰ فني تعليم جي طرف به ڌيان ڏين ڇو ته اڄ اهم اقتصادي راهداري سميت ترقي جي ٻين سمورن ثمرن مان صرف انهي وقت ئي فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن اسان جي ٻارن سان گڏوگڏ ڇوڪريون به علم ۽ فن ۾ برابر هجن ته جيئن ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي رستن تي گامزن رهي.