پاڪستان پاران ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ زمبابوي خلاف بيٽنگ جاري

news

 بلاوايو: جمعو 13 جولاءِ 2018ع: پاڪستان پاران زمبابوي خلاف پنجين هڪ ڏينهن ميچز جي سريز جي پهرين ميچ ۾ بيٽنگ جاري آهي.

بلاوايو جي ڪوئنز اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ ميزبان ٽيم جي ڪپتان هيملٽن مساڪدزا ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. گرين شرٽس جي اووپنگ رانديگر فخر زمان ۽ امام الحق اننگ جي شروعات ڪئي.

ٻنهي ٽيمن هلندڙ سال هڪ به ون ڊي ميچ ناهي کٽي، جڏهن ته پاڪستان کي نيوزيلينڊ خلاف آخري ڀيرو شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.