مستونگ ڀرسان چونڊ مهم دوران ڌماڪو، ست ڄڻا مارجي ويا، سراج رئيساڻي سميت پنجٽيهه زخمي

news

 مستونگ: جمعو 13 جولاءِ 2018ع: مستونگ ڀرسان درين ڳڙهه ۾ چونڊ مهم دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 35 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته بلوچستان عوامي پارٽي جو اميدوار سراج رئيساڻي به زخمين ۾ شامل آهي.

ليويز ذريعن مطابق مستونگ جي علائقي درين ڳڙهه ۾ بلوچستان  عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي جي چونڊ مهم دوران ڌماڪو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 35 زخمي ٿي پيا. 

ڊپٽي ڪمشنر واقعي ۾ 7 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڌماڪي سبب اميدوار سراج رئيساڻي به زخمي ٿيو آهي.

سراج رئيساڻي تڪ پي بي 35 مستونگ تان چونڊ وڙهي رهيو آهي، جڏهن ته هو اڳوڻي بلوچستان جي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جو ننڍو ڀاءُ آهي.