نارنگي جو روزاني استعمال نظر لاءِ بهترين آهي: طبي ماهر

news

 سڊني: جمعو 13 جولاءِ 2018ع: هڪ تازي مطالعي مان معلوم ٿيو آهي ته باقاعدگيءَ سان نارنگيون کائيندڙ ماڻهو اڳيان هلي نابين ٿيڻ جو سبب بڻجندڙ عام بيماري ”ميڪيولر ڊي جنريشن“ کان محفوظ رهي سگهن ٿا. سائنسدانن اها ڳالهه 15 سالن جي ڊگهي مطالعي کان پوءِ ڪئي آهي.

اها تحقيق آسٽريليا ۾ ويسٽ ميڊ انسٽيٽيوٽ ڪئي آهي، جنهن ۾ 5 سالن کان وڌيڪ عمر جي 2 هزار ماڻهن جو 15 سال سروي ڪيو ويو. انهن مان ڪيترن ئي ماڻهن ٻُڌايو ته اهي روزاني هڪ نارنگي ضرور کائيندا آهن جنهن مان معلوم ٿيو ته روزاني نارنگي کائيندڙ ماڻهن ۾ عمر وڌڻ سان مخصوص ”ميڪيولر ڊي جنريشن“ بيماريءَ جو خطرو 60 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.

واضع رهي ته آسٽريليا ۾ 50 سالن کان وڌيڪ عمر جي هر ٽن مان هڪ شخص کي ميڪيولر ڊي جنريشن جو خطرو رهندو آهي جنهن ۾ آهستي آهستي نظر ختم ٿي ويندي آهي، ان حوالي سان آسٽريليا ۾ اهو سروي اهميت رکي ٿو.