يونس خان يو بي ايل کي الوداع چئي ڇڏيو

news

 ڪراچي: جمعو 13 جولاءِ 2018ع: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان يو بي ايل کي الوداع ڪري ڇڏيو آهي.

اداري جي سربراهه کي موڪليل استعيفيٰ ۾ يونس خان موقف اختيار ڪيو آهي ته يو بي ايل ڪرڪيٽ ٽيم ختم ڪرڻ کانپوءِ منهنجو ڪپتان طور برقرار رهڻ جو ڪو جواز نه آهي مان هاڻي وڌيڪ اها ذميواري نٿو نڀائي سگهان تنهنڪري مان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ يونائيٽيڊ بئنڪ پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.