ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بغير آپريشن گوڏن جي سور جي بيماري جو جديد سائنسي علاج هٿ

news

حيدرآباد: جمعو 13 جولاءِ 2018ع: پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بغير آپريشن گوڏن جي بيماري جو جديد سائنسي علاج ڳوليو ويو آهي. ان ڏس ۾ آسٽرليا ۾ پاڪستاني ڄائي ماهر ڊاڪٽرن جي ڪوششن سان آسٽريلوي سائنسدانن انجيڪشن ۽ طب جديد سان گوڏن جي تڪليف ختم ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ جديد اسپتال اينڊ جديد ليبارٽي قائم ڪئي وئي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار آسٽريلين ڪراچي اسٽيم سيل آٿوپيڊڪ جي اهتمام هيٺ حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ گوڏن جي بيماري جي علاج کان سڌ جي عنوان تي هڪ ڏينهن واري سيمينار ۽ آسٽريلين ڪراچي اسٽيم سيل آرٿوپيڊڪ اسپتال ۽ جديد ليبارٽري جي افتتاحي قريب کي مقررن خطاب ڪندي ڪيو.

تقريب کي آسٽريلوي سائنسدانن ڊين ڪلبي، ڊاڪٽر سيد توثيق حيدر شاهه، ڊاڪٽر پرهه ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار خطاب ڪيو. مقررن چيو ته پاڪستان ۾ هر چوٿون شخص گوڏن ۽ هڏين جي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا آهي، آسٽريلوي سائنسدانن ۽ پاڪستاني ماهرن ان بيماري جي خاتمي لاءِ جديد سستو علاج ڳوليو آهي، آسٽريليا جي شهر سڊني ۽ ميلبورن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪلفٽن ڪراچي پاڪستان ۾ هڪ جديد نموني جي اسپتال ۽ جديد ليبارٽري قائم ڪئي وئي آهي.

هنن چيو ته ڪلفٽن ڪراچي ۾ قائم جديد اسپتال ۽ جديد ليبارٽري ۾ بنا آپريشن جي گوڏن جي بيماري جو علاج ڪيو ويندو جيڪو طب جي دنيا ۾ هڪ انقلاب آهي.