دل جي بيماري لاءِ استعمال ٿيندڙ ويلسرٽان تي پابندي لاڳو

news

 ڪراچي: ڇنڇر 14 جولاءِ 2018ع: دل جي بيماري لاءِ استعمال ٿيندڙ دوا ويلسرٽان جي وڪري تي پابندي مڙهي وئي آهي. ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پاران ويلسرٽان جي وڪري تي پابندي جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.

ڊريپ مطابق دوا ۾ اهڙا ڪيميڪل شامل آهن جيڪي ڪينسر جو سبب بڻجي رهيا آهن ۽ ان جو استعمال صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. ڊريپ عملدارن ملڪ جي دواساز ڪمپنين کي ان دوا کي ٺاهڻ کان روڪيندي مارڪيٽ ۾ موجود ان دوا کي ترت واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته پاڪستان کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ به ان دوا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.