اسلام آباد: سومر 16 جولاءِ 2018ع: بلڊ پريشر جي دوائن جو استعمال ڪينسر جو سبب بڻجڻ لڳو، جنهن کانپوءِ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي بلڊ پريشر جون دوائون ٺاهيندڙ نون ڪمپنين جي دوائن جي وڪري تي فوري پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
بلڊ پريشر جون دوائون استعمال ڪندڙ مريض ڪينسر جو شڪار ٿيڻ سبب ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي نون مختلف ڪمپنين جي بلڊ پريشر جي دوائن جي وڪري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
وال سارٽن نالي گوري هاءِ بلڊ پريشر جي مريضن کي هارٽ اٽيڪ کان بچائڻ لاءِ استعمال ڪئيويندي. جن ڪمپنين تي پابندي لڳائي وئي آهي ان ۾ افروز فارماسيوٽيڪلز، هاءِ ڪيو فارمام فارم ايور، سميع فارماسيوٽيڪلز، ٽابروس فارما، سرل فارماسيوٽيڪلز، جينيٽڪس مفارماسيوٽيڪلز شامل آهن.
ڊريپ ترجمان موجب امارانٽ ۽ سيف فارماسيوٽيڪلرز کي به دوائون مارڪيٽ مان گهرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
وال سارٽن نالي گوري ۾ ڪينسر جو سبب بڻجندڙ ڪيميڪلز موجود آهن جڏهن ته ماهر فارماسسٽ حنا شوڪت ڊاڪٽر ۽ مريض کي لاڳاپيل گوري جو استعمال فوري طور تي ترڪ ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.