عام چونڊون: سيڪيورٽي خدشن سبب پاڪ_افغان سرحد ٽي ڏينهن بند رکڻ جو فيصلو

news

 چمن: اڱارو 17 جولاءِ 2018ع: عام چونڊن کي شفاف بڻائڻ ۽ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي چمن سرحد جي باب دوستي دروازي کي 24 کان 26 جولاءِ تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر چمن طفيل احمد بلوچ مطابق ضلعي قلعه عبدالله ۽ چمن ۾ دهشتگردي جي خطرن کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ عام چونڊون شفاف بڻائڻ جي سلسلي ۾ پاڪ افغان سرحد وٽ باب دوستي کي 3 ڏينهن لاءِ 24 کان 26 جولاءِ تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته ضلعي چمن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري اميدوارن پاران هٿيارن جي نمائش ۽ هوائي فائرنگ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.