پاڪستاني ڪمپني جي تيار ڪيل ”والسٽن“ تي ڪا پابندي ناهي: ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي

news

 اسلام آباد: اڱارو 17 جولاءِ 2018ع: ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) بلڊ پريشر جي دوا ”والسٽن“ مارڪيٽ مان واپس وٺڻ يا ان تي پابندي جي حوالي سان وضاحت ڪئي آهي ته پاڪستاني ڪمپنين جي تيار ڪيل ”والسٽن“ تي ڪا به پابندي ناهي، جڏهن ته رڳو چيني ڪمپني ميسرز زي جيانگ هووائي فارماسيوٽيڪجلز جي تيار ۽ ڪجهه فراهم ڪيل ڪچي مال مان تيار ٿيل برانڊ مارڪيٽ مان واپس گهرائي وئي آهي.

ڊريپ ان حوالي سان مريضن لاءِ بهترين مفاد ۾ معلومات جاري ڪئي آهي، جنهن مطابق والسٽن دوا ۾ ڪجهه جزن جي ملاوٽ موجود آهي ۽ رڳو متاثر دوائون ئي مارڪيٽ مان واپس گهرايون ويون آهن. جڏهن ته سمورا پنهنجي ڊاڪٽر يا فارماسٽ طرفان منع ڪرڻ تائين ان دوا جو استعمال نه ڪن.