اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو، ٻه اهلڪار شهيد

news

 اتر وزيرستان: اڱارو 17 جولاءِ 2018ع: اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڀرسان ٿيل ريموٽ ڪنٽرول بم حملي جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.

رپورٽن مطابق اتر وزيرستان جي علائقي ڪم سروبي ۾ رزمڪ روڊ تي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي ريموٽ ڪنٽرول بم حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.

شهيد ٿيندڙ اهلڪارن ۾ حوالدار عزيز الرحمان ۽ سپاهي محمد اجمل شامل آهن. سيڪيورٽي ذريعن مطابق ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي به نقصان پهتو آهي.