اسلام آباد: اڱارو 17 جولاءِ 2018ع: گلگت بلتستان جي حڪومت صحت جي شعبي ۾ سڌارن واري پروگرام تحت ٽن ضلعن ۾ موبائل اسپتالون فراهم ڪيون آهن، موبائل اسپتال متعارف ڪرائڻ جو مقصد ڏورانهن وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي سندن گهرن تائين صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.
موبائل اسپتال ۾ سمورين جديد سهولتون موجود آهن، جنهن ۾ طبي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ پڻ سهولت موجود آهي. پهرين مرحلي ۾ ٽي موبائل اسپتالون خريد ڪيون ويون آهن جيڪي گلگت، ديامر ۽ بلتستان جي ضلعي انتظاميا جي حوالي ڪيون ويون آهن.