اسلام آباد: اربع 18 جولاءِ 2018ع: زرعي ماهرن ٻڌايو آهي ته پالڪ پنن وارين ڀاڄين ۾ سڀني کان وڌيڪ مقبول ڀاڄي آهي، غذائي اعتبار سان پالڪ جي پنن ۾ نشاستو، سڻڀ، وٽامنز اي، بي، ڪيليشيم ۽ آئرن آهي، پالڪ جي پوک لاءِ مناسب موسم جي ضرورت هوندي آهي، ٿڌي موسم جي ڀاڄي هجڻ سان گڏوگڏ 30 کن 35 ڊگري سينٽي گريڊ برداشت ڪرڻ جي پڻ صلاحيت رکي ٿي.
پنجاب جي آبپاشي علائقن ۾ جولاءِ، آگسٽ ۾ پوکيل پالڪ جو فصل 7 ڪٽائن ڏيڻ سان وڌيڪ پيداوار ڏيندي آهي، نومبر ۽ ڊسمبر جي وچ ۾ پوکيل فصل رڳو هڪ ڪٽائي ڏيندو آهي.