شهيدن جي پارٽي سان دوکو ڪندڙ پاڻ ختم ٿي ويا: مخدوم جميل الزمان

news

اڏيرو لال اسٽيشن:اربع 18 جولاءِ 2018ع: سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ اين اي 223  جي اميدوار مخدوم جميل الزمان، پي ايس 59 جي اميدوار مخدوم رفيق لزمان جي مان ۾ سروري جماعت جي ضلعي مٽياري جي اڳواڻ  وڏيرو محمد ايوب هنڱورو پاران مانجهندو کيبر کان سوين گاڏين جي جلوس ۾ ڳوٺ طاهر هنڱورو آنڌو ويو، هر هنڌ والهانه استقبال، گلن جي ورکا، اجرڪن جا تحفا پيش.

ان موقعي تي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن يار محمد خاصخيلي، وڏيرو غلام محمد هنڱورو، ڊاڪٽر شوڪت راجپوت،  ڊاڪٽر شوڪت، ستار سهتو، الاهي بخش، ساهووال، جلال جت، سيد شفيق شاهه، سائين بخش خاصخيلي، نورل ورياهه، مظهر شاهه، محد خان ميرجت،  بابو هموپوٽو، غلام محمد پوٽو، جنيد هنڱورو، زاهد هنڱورو، نويد هنڱورو، عبدالمجيد خاصخيلي، ارشد سوهو، سيٺ محمد علي خاصخيلي، فاني راجپوت، نبي بخش عمراڻي، غلام علي عمراڻي سليم هنڱورو، لالو هڪڙو نور محمد هڪڙو، اسماعيل ابڙو، غفار کوسو، علي محمد ڳانگهلو، دودو خاصخيلي، مراد بلوچ ۽ حميد بلوچ سميت مختلف برادرين جي 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جي چڱن مڙسن حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي وڏيرو محمد ايوب هنڱورو ۽ غلام محمد هنڱورو آجياڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان مخدوم جميل الزمان جا ٿورائتا آهيون، جن اسان کي مان بخشيو آهي، مخدم خاندان کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪنداسين. ان موقعي تي سروري جماعت جي اڳواڻ  ۽ اين اي 223  جي اميدوار مخدوم جميل الزمان، پي ايس 59 جي اميدوار مخدوم رفيق الزمان، سيد امداد شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پ پ واحد جماعت آھي، جنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي خونن سان جنم ورتو آھي، جنهن به شهيدن جي پارٽي سان دوکو ڪيو اهي پاڻ ختم ٿي ويا.

مخدوم جميل زمان چيو ته اسان جا مريد پ پ همدرد ۽ پ پ ووٽر اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا ته اسان شهيد راڻي جي لخت جگر بلاول ڀٽو زرداري کي ووٽ ڏئي وزيراعظم بڻائيداسين. هنن چيو ته ماضي ۾ ڪافي قووتون پ پ کي ختم ڪرڻ لاءِ ميدان ڪيو پر اهي پاڻ ختم ٿي ويا. هن وقت ملڪي ۽ غيرملڪي قوتون ملڪ جا حامي آھن، اهي پاڻ پ پ جي حمايت ۾ ملڪي دفاءَ لاءِ پ پ پ حڪومت جا حامي آھن، باقي ملڪ ۽ قوم دشمن قوتون پنهنجن ناپاڪ سازشن ۾ ردل آھن.

ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۽ قوم لاءِ پ پ واحد سهارو آھي، جنهن ملڪ ۽ قوم جو دفاء ڪندي خدمتون ڏنيون  آهن. ان موقعي تي مريدن ۽ عقيدتمندن جو سمنڊ اٿلي پيو، پنهنجي مرشدن کي هزارين مريدن جي وچ مان سخت سيڪيورٽي بڻائي وک وک تان گل نڇاور ڪري اسٽيج تائين پهچايو ويو. جڏهن ته سيد امداد علي شاهه ڄاموٽ، سيد تنوير شاهه، سيد ممتاز شاهه، سيد مظھر شاهه، سيد شفيق شاهه، اسلم پيرزادو۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.01