چمڙي جي ڪينسر جي سڃاڻپ ڪندڙ هڪ نئين بلڊ ٽيسٽ

news

سڊني: اربع 18 جولاءِ 2018ع: پوري دنيا ۾ چمڙي جي عام ڪينسر (ميلانوما) جو مرض تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي، ان حوالي سان آسٽريلوي ماهرن رت جي هڪ سادي ٽيسٽ تيار ڪئي آهي جيڪا اسڪن ڪينسر کي شروعاتي مرحلي تي ئي ڄاڻي وٺندي آهي، اهڙي طرح مريض هر هر تڪليف ڏيندڙ بايوپسي کان بچي ويندو آهي.

ماهرن چمڙي تي ٿيندڙ ڪارن ۽ ناسي داڳن کي ڏسندي ان جي سڃاڻپ ڪندا آهن ۽ چمڙي جي ڪينسر جي حتمي تصديق بايوپسي سان ڪئي ويندي آهي.

جڏهن ته هاڻ ايڊٿ ڪووان يونيورسٽي، آسٽريليا جي ماهرن رت جي هڪ ڪامياب ٽيسٽ ٺاهي آهي جيڪا آسٽريليا ۾ ٽئين سڀ کان عام ڪينسر جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي جنهن کي ميلانوما يا چمڙي جو ڪينسر چيو ويندو آهي.

بروقت سڃاڻپ سان ان مرض ۾ زندا بچي وڃڻ جي شرح مٿانهين ٿي ويندي آهي پر ان کان اڳ هر هر ڊاڪٽرن کي چمڙي جي داڳ ۽ مسي کي ڏيکارڻو هوندو آهي ۽ ڪيترن ئي مرهلن تي داڳ جا ٽڪرا وٺي ان جي بايوپسي ڪئي ويندي آهي. پر گهڻا دفعا بايوپسي سان به درست نتيجا ناهن نڪرندا ۽ مرض وڌي به ويندو آهي.

ان حوالي سان شروعاتي درجي ۾ ڪينسر سڃاڻپ ڪندڙ اها ٽيسٽ تمام اثرائتي ثابت ٿي سگهيٿي. آسٽريليا ۾ چمڙي جو ڪينسر تمام عام آهي ۽ هاڻ ماهرن سخت محنت ۽ تحقيق کانپوءِ هڪ اهڙي بلڊ ٽيسٽ ٺاهي آهي جنهن جي لاءِ رت ۾ موجود 1627 اينٽي باڊيز جو واري واري سان جائزو ورتو ويو.

آخرڪار انهن ۾ مان ڏهن اينٽي باڊيز يا ان جي مجموعي کي ڪينسر سان لاڳاپيل قرار ڏنو ويو. پوءِ انهن ڏهن اينٽي باڊيز جي سڃاڻپ جي هڪ بلڊ ٽيسٽ واضح ڪئي وئي جنهن سان چمڙي جي ڪينسر جي شروعاتي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي.