ڊي سي سجاول جي صدارت هيٺ پوليو خلاف مهم جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ٿي گذري

news

سجاول:اربع 18 جولاءِ 2018ع: ڊپٽي ڪمشنر سجاول رياض علي عباسي جي زير صدارت دربار هال ۾ 6 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو کان بچاء واري قومي مهم جي انتظامن جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ٿي گذري. ڊپٽي ڪمشنر سجاول چيوته پيدائش کان 5 سالن جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو ٽارگيٽ 100 سيڪڙو پورو ڪيو وڃي، انهي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ سستي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيوته صحت کاتي ۽ پوليو تي ڪم ڪندڙ ادارن وچ ۾ باهمي رابطن جي کوٽ آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ هن صحت کاتي کي هدايتون ڏيندي چيوته مائڪرو پلان ٺاهڻ وقت هڪ ٻئي سان مشورو ڪري پلان ترتيب ڏنو وڃي ته جيئن پوليو مهم ۾ آساني ٿئي. هن سجاول ضلعي ۾ وڌندڙ رفيوزل ڪيسن تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪندي چيوته ايريا انچارج ۽ يوسي ايم اوز ٻارڙن کي ڦڙا نه پياريندڙ والدين سان ملاڪاتون ڪري کين پوليو کان بچاءُ وارن ڦڙن جي اهميت بابت آگاهه ڪن.

ڊپٽي ڪمشنر چيوته جتي به هن جي ضرورت هوندي اتي هو پاڻ رفيوزل ڪيسن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺندو. هن وڌيڪ چيوته والدين پنهنجن ٻارڙن کي هميشه جي معذوري کان بچائڻ لاءِ پوليو ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪن ۽ پنهنجن گلن جهڙن ٻارڙن کي پوليو کان بچاء وارا ڦڙا پيارين ۽ افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي.

هن چيوته ايندڙ پوليو مهم کي 100 سيڪڙو يقيني بنائڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيوته پوليو مهم ۾ جيتري مخلصي هوندي اوترا بهتر نتيجا ملندا. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر حسين عمراڻي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي سجاول جي ٽوٽل آبادي 707024 آهي جنهن مان پوليو مهم دوران پيدائش کان 5 سالن تائين جي 152494 ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي.

هن چيوته ٽوٽل 552 پوليو ٽيمون هونديون جنهن ۾ 483 موبائيل ٽيمون، 47 فڪس ٽيمون ۽ 22 ٽرانسٽ پوائنٽ ٽيمون هونديون. هن وضاحت ڪندي چيوته اڳين پوليو مهم ۾ ضلعي سجاول ۾ 89 اهڙا ٻار آهن جنهن جا والدين پنهنجن ٻارن کي پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪاري آهن جنهن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.

گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سردار رياض حسين لغاري، اسسٽنٽ ڪمشنر جاتي بلال سليم، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر حسين عمراڻي، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي آصف نظير، ڊي ايس پي پوليس سڪندر علي، ڊي ايف سي آئي آر ڊي افتخار کوسو،  مختيارڪار شاهه بندر عبدالعزيز جوڻيجو ۽ ٻين ڊاڪٽرن، اِي پي آءِ ، پي پي ايڇ آءِ، اين آءِ ڊي ۽ ڊبليو ايڇ او جي نمائندن سميت مختلف اين جي اوز مرف آءِ آر ڊي ۽ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.01