مهراڻ يونيورسٽي مان رٽائر ٿيل حافظ تحسين شيخ جي مان ۾ آجياڻو

news

 ڄامشورو: جمعو 20 جولاءِ 2018ع: مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي سافٽ ويئر انجنيئرنگ شعبي جو چيئرمين انجنيئر حافظ تحسين احمد شيخ جي مان ۾ الوداعي تقريب ٿي گذري.

تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته مهراڻ جو اڄ جيڪو به نالو آهي، ان ۾ اهڙن استادن جي محنت شامل آهي. هن چيو ته حافظ تحسين جون مهراڻ يونيورسٽي لاءِ ڪيل خدمتون ۽ ڪم ياد رکيو ويندو. وائيس چانسلر چيو ته ڪجهه سرڪاري نوڪري ڪندڙ ماڻهو رڳو نوڪري ڪندا آهن ۽ ڪجهه وري لڳاءُ ۽ دلچسپي سان نوڪري ڪندا آهن، تحسين شيخ پنهنجون صلاحيتون يونيورسٽي جي خدمت لاءِ خرچ ڪيون.

ان موقعي تي ڳالهائيندي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته، حافظ تحسين مهراڻ جي سينيئر استادن مان آهي، هن کان اڄ جي دور جي استادن ڪافي ڪجهه سکيو آهي. پرو وائيس چانسلر چيو ته استادن جي محنت سان ئي مهراڻ جو سڄي ملڪ ۾ نالو آهي.

ان موقعي تي تقريب کي ڊين فئڪلٽيز پروفيسر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي، پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد بروهي، پروفيسر ڊاڪٽر معظم بلوچ ۽ نوڪري تان رٽائر ٿيل انجنيئر حافظ تحسين شيخ خطاب ڪيو.