رت ۾ ڪينسر جي ذرن جي سڃاڻپ ڪندڙ چڪمڪ واري تار ايجاد

news

نيويارڪ: جمعو 20 جولاءِ 2018ع: آمريڪي سائنسدانن هڪ اهڙي چڪمڪ واري تار ٺاهي آهي جيڪا رت ۾ ترندر ڪينسر جي خلين ۽ ذرن کي خاص نينو ذرن وسيلي پاڻ طرف مائل ڪندي.

اها حيرت انگيز ٽيڪنيڪ اسٽينفورڊ يونيورسٽي واضح ڪئي آهي جنهن ۾ رڳ جي اندر انجيوگرافي جيان ننڍي تار وڌي ويندي جيڪا رت ۾ ترندڙ سرطاني خلين کي پڪڙي مرض جي سختي جي تصديق ڪري سگهندي، اهڙي طرح رت جي ذريعي ڪينسر کي شروعات ۾ ئي بروقت سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿو.

جديد دنيا ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ ۽ علاج ٻنهي طريقن تي ئي ڏينهن رات ڪم جاري آهي، ان حوالي سان رت جي بايومارڪرز کي ڏسندي ڪيتريون ئي ٽيسٽون ٺاهيون ويون آهن جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي چمڙي جي ڪينسر جي سڃاڻپ لاءِ به رت جي هڪ ٽيسٽ تيار ڪئي وئي آهي.

اسان ڄاڻون ٿا ته ڪينسر جا ذرا ۽ خليا جسم جي ٻين حصن تائين رت وسيلي سفر ڪري تيزي سان ڦهلجندا آهن اهڙي طرح رت ۾ موجود ڪينسر جي آثار جي سڃاڻپ جو طريقو تمام اثرائتو آهي جنهن سان مرض جي ڪيفيت ۽ شدت ٻئي سامهون اچي وينديون آهن.

پر رت ۾ ترندڙ خلين جو تعداد ايترو گهٽ هوندو آهي جو انهن کي روايتي طريقن سان ڏسڻ ممڪن ناهي هوندو ۽ ان لاءِ هاڻ چڪمڪ واري تار جو نئون طريقو پيش ڪيو ويو آهي.

ان مطالعي جو سربراهه ۽ ليکڪ سيم گمڀير چوي ٿو ته اڪثر وقتن تي ڪينسر جي مريضن جي رت جون ڪيتريون ئي ٽيسٽون ورتيون وينديون آهن ۽ انهن ۾ هڪ به سرطاني خليو ناهي ملندو.

اهو ڪم بلڪل اهڙي طرح مشڪل آهي جهڙي طرح وهنجڻ جي بالٽي ۾ موجود واري جو هڪ ذرو ڳولڻ هوندو آهي. ان جي لاءِ پهرين جسم ۾ تمام ننڍا چڪمڪ وارا نينو ذرا شامل ڪيا ويندا آهن جيڪي رت ۾ ترندڙ سرطاني خلين سان چنبڙي ويندا آهن.

ان کانپوءِ جڏهن چڪمڪ واري تار رت ۾ لاٿي ويندي آهي ته اها ڪينسر وارن خلين ان تار سان چنبڙي ويندي آهي ۽ ايئن مريض ۾ سرطان جي سختي ۽ ڪيفيت جي تصديق ٿي ويندي آهي.