مڇي جي تيل جو سپليمينٽ اوميگا ٿري دل جي بيمارين کان تحفظ ۾ سهڪاري ثابت ناهي ٿيندو: تحقيق

news

 اسلام آباد: آچر 22 جولاءِ 2018ع: مڇي جي تيل جو سپليمينٽ اوميگا 3 جو استعمال دل جي بيمارين کان تحفظ ۾ سهڪاري ثابت ناهي ٿيندو.

عالمي تحقيقي نيٽ ورڪ ” ڪوخرون “ جي تحقيق ۾ هڪ لک ماڻهن تي ان جو تجربو  ڪيو ويو انهن کي دل جي بيماري کان بچاءِ جو ڪو ثبوت ناهي مليو. هڪ رپورٽ موجب تحقيق ڪندڙ چيو آهي ته اوميگا 3 جي کائڻ سان رڳو  هڪ هزار مان هڪ کي ئي فائدو ٿي سگهي ٿو.

برطانيا جي اداري  اين ايڇ ايس جي ماهرن چيو ته هر هفتي مڇي جي گهٽ ۾ گهٽ 2 خوراڪ کائڻ گهرجي جنهن مان هڪ سليمن، تازي ٽيونا ياميڪرل جهڙي تيل واري مڇي هجڻ گهرجي ته جيئن جسم کي گهڻي حد تائين سٺي چرٻي ملي.