پپيتو جگر جي بيماري کان تحفظ ڏئي ٿو: طبي ماهر

news

 اسلام آباد: اڱارو 24 جولاءِ 2018ع: پپيتو جگر جي بيماري کانسواءِ هزارين بيمارين کان تحفط فراهم ڪندو آهي.

صحت جي ماهرن چيو آهي ته پپيتي ۾ وٽامنز اي ۽ سي کانسواءِ بي شمار معدنيات موجود هوندا آهن، جيڪي نه رڳو ڪينسر جهڙي بيماري کان تحفظ فراهم ڪري ٿو پر پيٽ جي بيمارين کان پڻ تحفظ ۽ دل جي دوري جي امڪان کي پڻ گهٽ ڪرڻ ۾ سهڪار ڪري ٿو.

هنن چيو ته پپيتو جگر جي بيماري کان تحفظ فراهم ڪرڻ کانسواءِ انساني جسم کي ٻين مختلف بيمارين کان پڻ بچائي ٿو.