ڊگهي ڄمار لاءِ باقاعدگي سان مڇي کائو: تحقيق

news

واشنگٽن: اڱارو 24 جولاءِ 2018ع: جيتوڻيڪ غذائي ماهرن مڇي کي سپر فوڊ قرار ڏئي هفتي ۾ ٽي ڀيرا مڇي کائڻ جو مشورو ڏيندا آهن پر هاڻ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته باقاعدگي سان مڇي کائيندڙ عورتون ۽ مرد ڊگهي ڄمار حاصل ڪندا آهن، جنهن جو سبب اهو آهي ته مڇي ڪيترن ئي مرضن کي ختم ڪندي جسم کي بهترين حالت ۾ رکندي آهي.

ماهر ان جي لاءِ پنج لک عورتن ۽ مردن جو 16 سالن تائين مطالعو ڪيو ۽ ان جي ڪري چيو ويو آهي ته مڇي سان ڀرپور غذا ڪيترن ئي مرضن کي روڪڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿيندي آهي ۽ اهڙي طرح عمر وڌي سگهي ٿي.

خاص طور تي روغني يا تيلي واري مڇي ۾ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز جو وڏو مقدار ملندو آهي جيڪو جسم لاءِ انتهائي فائديمند قرار ڏنو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ مڇي ۾ فائديمند پروٽين، لحميات ۽ وٽامن به موجود هوندا آهن.

آمريڪا ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ اينڊ اي اي آر پي ڊائٽ اينڊ هيلٿ اسٽڊي جي تحت کاڌن ۽ ان جي صحت خاص طور تي ڪينسر جي اثرن تي هڪ ڊگهو مطالعو ڪيو ويو.

ان ۾ 16 ورهين تائين 240729 مردن ۽ 180580 عورتن جي غذائي معاملن، ان جي مرضن ۽ زندگي جي ڊگيهه تي غور ڪيو ويو.

ان تحقيق سان ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون سامهون آيون جن جا تفصيل جرنل آف انٽرنل ميڊيسن ۾ شايع ٿيون آهن.