صوابي ڀرسان پي ٽي آءِ ۽ اي اين پي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، ٻه زخمي

news

 صوابي: اربع 25 جولاءِ 2018ع: خيبرپختونخواهه جي تڪ پي ڪي 47 نوان ڪلي ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڏنا، جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ جو هڪ ڪارڪن مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڊي پي او صوابي سيد خالد همداني مطابق زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.