ڪوئيٽا ڀرسان پولنگ اسٽيشن وٽ بيٺل پوليس موبائل وٽ ڌماڪو، ايڪٽيهه ڄڻا مارجي ويا

news

 ڪوئيٽا: اربع 25 جولاءِ 2018ع: ڪوئيٽا ڀرسان پولنگ اسٽيشن ٻاهريان بيٺل پوليس موبائل وٽ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 31 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 28 زخمي ٿي پيا آهن. 

نجي ٽي وي مطابق ڪوئيٽا جي اوڀر باءِ پاس وٽ پولنگ اسٽيشن ٻاهريان بيٺل پوليس موبائل وٽ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 31 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 28 زخمي ٿي پيا آهن.

ڊي آءِ جي ڪوئيٽا عبدالرزاق چيما ٻڌايو آهي ته پوليس علائقي ۾ معمول مطابق گشت ڪري رهي هئي ته ان دوران موبائل وٽ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 31 ڄڻا مارجي ويا آهن. 

اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو آهي. ڌماڪي جي اطلاع تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ به واقعي واري هنڌ پهچي ويو آهي. واقعي کانپوءِ ڄاڻايل پولنگ اسٽيشن تي ووٽنگ وارو عمل روڪيو ويو آهي. پوليس مطابق ڌماڪي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ڌماڪو آپگهاتي لڳي ٿو. ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ 3 پوليس اهلڪار ۽ هڪ ٻارڙو پڻ شامل آهي.