بنون ۾ ڪتي کي فائرنگ ڪري ماريندڙ جوابدار گرفتار

news

 بنون: ڇنڇر 28 جولاءِ 2018ع: بنون پوليس ڪتي کي سياسي پارٽي جو جهنڊو پارائي گولي هڻي ماريندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

رپورٽن مطابق بنون ۾ ڪتي کي سياسي پارٽي جو جهنڊو پارائي گولي هڻي ماريندڙ جوابدارن کي پوليس جاني خيل مان گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس مطابق بنون ۾ ڪتي کي مارڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ مسلسل ڪوششون ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس مطابق گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ حضرت عمر ولد گل شير خان ۽ نصير الله ولد قدر جان طور ٿي آهي. ٻنهي جوابدارن جو تعلق بنون جي علائقي زندي علي خيل سان آهي.

پوليس مطابق جوابدار ڪي پي ڪي اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 85 تي قومي وطن پارٽي جي اميدوار عدنان وزير جا حمايتي آهن، ان تڪ تي پي ٽي آءِ اميدوار شاهه محمد شاهه عدنان وزير کي شڪست ڏني، جنهن تي جوابدارن شڪست جو پلاند ڪتي کي جهنڊو پارائي گولي هڻي ڪيو.