شهدادڪوٽ ويجهو مسافر ڪوچ ڪلٽي، اٺ ڄڻا ٿڏي تي فوت، يارنهن زخمي

news

شهدادڪوٽ:ڇنڇر 28 جولاءِ 2018ع: ضلعي دادو جي تعلقي ميهڙ کان بلوچستان جي علائقي خضدار ڏانهن ويندڙ مسافر ڪوچ شهدادڪوٽ کان 200 ڪلوميٽر پري ونگو جبل وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب چاڙهي تان ڪلٽيون کائيندي اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 مسافر ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 11 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.

هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي ڀرسان قائم ليويز پوليس چوڪي جي اهلڪارن پهچي فوري طور فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي بلوچستان جي ڪرخ اسپتال پهچايو.

جڏهن ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ محمد جمن، خدابخش بروهي، محمد بروهي، عبدالطيف بروهي، غلام عباس، غلام قادر بروهي، خميسو خان بروهي ۽ هڪ اڻڄاتل شخص سميت 8 ڄڻا شامل آهن.

جڏهن ته 11 زخمين ۾ 3 عورتون ۽ 2 معصوم ٻار پڻ شامل آهن. جڏهن ته مليل ڄاڻ موجب ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.01