ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل، ايف سي جي جوابي ڪارروائي، حملي آور مارجي ويو

news

 ڪوئيٽا: اربع پهرين آگسٽ 2018ع: ڪوئيٽا جي علائقي هزار گنجي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو. فرنٽيئير ڪور بلوچستان جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ حملي آور پڻ مارجي ويو.

پوليس موجب هزار گنجي ويجهو سبزي منڊي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ راز محمد نالي شخص مارجي ويو جڏهن ته ايف سي جوابي فائرنگ ۾ هڪ حملي آور پڻ مارجي ويو. جنهن  وٽان هڪ پستول پڻ هٿ آيو، جنهن جو مڙهه بعد ۾ لاڳاپيل پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس بولان ميڊيڪل ڪاليج مان اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.