ڊينمارڪ ۾ نقاب تي پابندي خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا

news

 ڪوپن هيگن: جمعو 03 آگسٽ 2018ع: ڊئنمارڪ ۾ نقاب تي پابندي خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ ان کي مذهبي آزاديءَ جي خلاف ورزي قرار ڏنو.

ميڊيا رپورٽن مطابق ڊئنمارڪ جي گاديءَ واري شهر ڪوپن هيگن ۾ مسلمان عورتن نقاب تي پابنديءَ خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو، ريليءَ ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن شرڪت ڪئي.

جن کي ماسڪ ۽ برقعا پاتل هئا جڏهن ته ڪيترن ئي عورتن پنهنجي مُنهن کي لِڪائي حڪومت خلاف احتجاج ڪيو ۽ نعرا لڳايا ۽ حڪومت تي اولهه ۾ مسلمانن سان متڀيد وارو سلوڪ ڪرڻ جو الزام لڳايو.