رحيم يار خان ۾ کوهه جي کوٽائي دوران مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب ٽي پورهيت فوت

news

 رحيم يار خان: جمعو 03 آگسٽ 2018ع: رحيم يار خان کوهه جي کوٽائي دوران 4 پورهيت مٽيءَ جي ڇپ هيٺيان دٻجي ويا، امدادي ٽيمن پهچي هڪ پورهيت کي بچائي ورتو، جڏهن ته ٽن پورهيتن جا مٽيءَ هيٺيان دٻيل لاش ڪڍيا ويا آهن.

رپورٽن مطابق رحيم يار خان جي علائقي ڪوٽ سمابا ۾ ٻه پورهيت کوهه جي کوٽائي دوران مٽي هيٺيان دٻجي ويا، جن کي بچائڻ لاءِ ٻيا 2 پورهيت به اندر لٿا ته مٽيءَ جي ٻي ڇپ انهن مٿان به ڪري پئي.

ڳوٺاڻن جي اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي هڪ پورهيت کي زندهه بچائي ورتو، جڏهن ته ٽن پورهيتن جا لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.