ديامر ۾ شرپسندن جي سيشن جج جي گاڏي تي فائرنگ، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو

news

ديامر: آچر 05 آگسٽ 2018ع: داريل ۾ شرپسندن سيشن جج جي گاڏي تي فارنگ ڪري ڏني جنهن ۾ جج ۽ سندس گهروارا محفوظ رهيا.

گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر جي علائقي داريل ۾ مقامي عدالت جو سيشن جج ملڪ عنايت پنهنجي گهروارين سان گڏ ڪار ۾ سوار هو ته پهريان کان تاڙ ۾ ويٺل جوابدارن سندس گاڏي تي ٻنهي طرفن کان فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ سيشن جج ملڪ عنايت ۽ سندس گهرواري محفوظ رهيا. پوليس جو چوڻ آهي ته سيشن جج گذريل ڏينهن فائرنگ سبب شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي وئي ۽ جوبدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.