بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جو اهم ڪمانڊر مارجي ويو

news

 بنون: سومر 06 آگسٽ 2018ع: بنون جي جاني خيل واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي اهم ڪمانڊر کي ماري ڇڏيو آهي.

نجي ٽي وي مطابق بنون جي علائقي جاني خيل ۾ فورسز ۽ دهشتگردن ۾ جهڙپ دوران پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جو اهم ڪمانڊر مارجي ويو. مارجي ويندڙ دهشتگرد جي سڃاڻپ نصيب الرحمان طور ٿي آهي.

سيڪيورٽي فورسز مطابق نصيب الرحمان دهشتگردن جي ڪيترن ئي واقعن ۾ گهربل جو، ان جي گرفتاري لاءِ ڪيترائي آپريشن پڻ ڪيا ويا پر هو بار بار بچي پئي ويو ۽ اڄ هڪ جهڙپ دوران مارجي ويو آهي.