بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي سان حادثو، چار اهلڪار شهيد، ڇهه ڄڻا زخمي

news

 خضدار: اڱارو 07 آگسٽ 2018ع: بلوچستان جي ضلعي واشڪ ويجهو سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي سان حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

سيڪيورٽي ذريعن مطابق پاڪ ايران سرحد ويجهو بلوچستان جي علائقي واشڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي سان حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

سيڪيورٽي اهلڪارن ترت امدادي ڪارروائي ڪندي شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي سي ايم ايڇ خضدار منتقل ڪيو.