روپلو ڪولهي کانپوءِ آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ هڪ ٻئي بهادر قبيلي جي عورت جو ايوان ۾ پهچڻ

news

 ڪراچي: خميس 09 آگسٽ 2018ع: پيپلز پارٽي روپلو ڪولهي کانپوءِ آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ سنڌ جي هڪ ٻئي بهادر قبيلي جي عورت کي ايوان ۾ پهچائي ڇڏيو آهي.

تنزيلا ام حبيبا قمبراڻي شيدي قبيلي جي پهرين عورت آهي جيڪا پ پ پ پاران مخصوص سيٽ تي سنڌ اسيمبلي ميمبر چونڊي وئي آهي. آزادي جي جنگ ۾ انگريزن خلاف سنڌ ۾ جتي روپلو ڪولهي جو نالو امر آهي، اتي هوشو شيدي جو نالو به تاريخ ۾ زندهه آهي، مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جي تاريخي جملي جي خالق هوشو شيدي جي قبيلي سان تعلق رکندڙ تنزيلا شيدي پاران پ پ پ پاران شيدي قوم جي پهرين سنڌ اسيمبلي ميمبر چونڊي وئي آهي.

بدين جي علائقي ماتلي سان تعلق رکندڙ تنزيلا سنڌ يونيورسٽي مان ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي. هو پرڻيل ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي. تنزيلا گذريل ڪجهه سالن کان پيپلز پارٽي عورتن واري ونگ جي ضلعي صدر به آهي، ان جي قوم مان سنڌ اسيمبلي چونڊجڻ جو هڪ عورت جو خواب کان گهٽ ناهي.

آزادي واري جنگ جي ويڙهاڪ امر ۽ روپلو ڪولهي جي برادري جي ڪرشنا ڪولهي ۽ هاڻي آزادي واري جنگ جي جرنيل هوشو شيدي جي قبيلي جي هن عورت جي ايوان تائين پهچ جي پيپلز پارٽي جي قدمن کي عوامي ڌرين ۾ ساراهيو پيو وڃي.