حب ڀرسان مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي، پنجٽيهه ڄڻا زخمي

news

 حب: جمعو 10 آگسٽ 2018ع: حب ۾ مسافر بس کاهي اندر ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 35 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽن مطابق حب جي علائقي بيلاڪي ويجهو مسافر ڪوچ کاهي اندر ڪري پئي، حادثي سبب ڪوچ ۾ سوار 35 مسافر زخمي ٿي پيا. حادثي کانپوءِ امدادي ٽيمن پهچي زخمين کي مختلف مسافر بسن ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو.

امدادي ٽيمن مطابق مسافر بس ڪوئيٽا کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته ساڻس حادثو پيش آيو. زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.