بنون ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام

news

 بنون: جمعو 17 آگسٽ 2018ع: بنون ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي آهي، سئي گئس آفيس ٻاهريان رکيل بم کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ناڪاره بڻائي ورتو.

رپورٽن مطابق بنون ۾ دهشتگردي جي رٿا ناڪام بڻائي وئي آهي، اڻڄاتل جوابدارن سئي گئس آفيس ٻاهريان بارودي مواد رکي فرار ٿي ويا هئا. اطلاع تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ پهچي سئي گئس آفيس ٻاهريان رکيل بم کي ناڪارا  بڻائي ورتو.

پوليس مطابق بم کي ناڪارا بڻائڻ وقت روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، دهشتگردي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي.